ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد بدلي، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون ڪندي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر پشاور، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد نجم کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو ويو آهي، سندس جاءِ تي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

ليفٽيننٽ محمد عامر کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود کي صدر نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مقرر ڪيو ويو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميجر جنرل عاصم ملڪ کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي کيس پاڪ فوج جو ايجوٽنٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن نيون ذميواريون ملڻ کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وزيراعظم عمران سان الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم ڊي جي آءِ ايس آءِ طور سندس خدمتن جي تعريف ڪئي ۽ نئين پوسٽنگ تي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

Read Previous

سجاول ۾ وڏي وزير جي حڪم تي صوبائي وزيرن جي کلي ڪچهري بدنظمي جو شڪار

Read Next

عمران خان امپائر سان گڏجي نون ليگ جي حڪومت کي ڪيرايو: مريم نواز

Most Popular