عمران خان امپائر سان گڏجي نون ليگ جي حڪومت کي ڪيرايو: مريم نواز

مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته عمران خان امپائر سان گڏجي سازش ڪري نون ليگ جي حڪومت کي ڪيرايو.

اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پينڊورا پيپرز ۽ ٻين اسڪينڊلز تي جي آءِ ٽيز ڪٿي آهن؟

وزيراعظم عمران خان طرفان پينڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستانين کان جاچ سيل جي اعلان بابت سوال جو جواب ڏيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته جنهن انسپيڪشن ٽيم کي عمران خان هلائي رهيو آهي اهو ان جي اي ٽي ايمز خلاف ڪارروائي ڪيئن ڪندو؟

نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مسلم ليگ نون جي اڳواڻ چيو ته نيب چيئرمين کي واڌ ڏيڻ غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي، اميد آهي ته نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ عدالت مان رد ٿي ويندي.

عالمي اڳواڻن طرفان عمران خان کي مليل تحفن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان ٻڌائي ته هن ڪهڙا تحفا وٺي پنهنجي کيسي ۾ وڌا آهن.

Read Previous

ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد بدلي، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

Read Next

نواز شريف جي مرحومه گهرواري کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي جعلي انٽري جو انڪشاف

Most Popular