نواز شريف جي مرحومه گهرواري کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي جعلي انٽري جو انڪشاف

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کانپوءِ ان جي مرحومه گهرواري ڪلثوم نواز کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي جعلي انٽري جو انڪشاف ٿيو آهي.

پنجاب جي صحت کاتي جي ذريعن موجب مرحومه بيگم ڪلثوم نواز کي ويڪسين لڳائڻ جي جعلي انٽري ميلسي ۾ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مرحومه بيگم ڪلثوم نواز کي سائنو ويڪ جو پهريون ڊوز 5 آڪٽوبر تي لڳايو ويو ۽ ٻئي ڊوز لاءِ 6 نومبر تي گهرايو ويو آهي.

واضح رهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کي 3 سال ٿي چڪا آهن.

هوڏانهن اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي جعلي انٽري سامهون آئي آهي.

ذريعن موجب اسحاق ڊار کي سنگل ڊوز ويڪسين ڪين سائنو جي جعلي انٽري ڪئي وئي ۽ اها انٽري ملتان جي هيلٿ يونٽ ۾ ڪئي وئي.

Read Previous

عمران خان امپائر سان گڏجي نون ليگ جي حڪومت کي ڪيرايو: مريم نواز

Read Next

وزيراعظم جو نيب چيئرمين جي مقرريءَ تي اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائڻ کان انڪار

Most Popular