ڪراچي: ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي جنازي نماز ادا

ليجنڊ اداڪار عمر شريف جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

عمر شريف جي مڙهه کي ايڌي سرد خاني کان گلشن اقبال ۾ واقع سندس رهائش گاهه تي آندو ويو جتي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، علائقي ۾ وڏي پوليس جي نفري ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو.

عمر شريف جي جنازي نماز ڪلفٽن ۾ واقع عمر شريف پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

پوليس موجب جنازي جي سيڪيورٽي جي لاءِ 2 ڊي ايس پيز جي سربراهي ۾ 200 کان مٿي اهلڪار مقرر ڪيا ويا، پارڪ جي مک دروازي تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا جڏهن ته پارڪ ۾ جنريٽر ۽ اسپيڪر به لڳايا ويا.

انکانسواءِ عمر شريف پارڪ ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ طرفان سرچنگ به ڪئي وئي.

جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ عمر شريف جو مڙهه عبدالله شاهه غازي جي مزار پهچايو ويو آهي جتي تدفين ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ان کان اڳ ترڪ ايئرلائين جي اڏام ٽي ڪي-708 رات 12 وڳي 53 منٽن تي استنبول مان نڪتي جيڪا صبح 5 وڳي 33 منٽن تي ڪراچي ايئرپورٽ پهتي.

عمر شريف جي بيواهه زرين غزل به مڙهه سان گڏ ڪراچي پهتي.

ڪراچي پهچڻ کانپوءِ عمر شريف جو مڙهه ايئرپورٽ ڪارگو ٽرمينل وٽان سندس پُٽن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مڙهه کي ڪراچي جي ايڌي سرد خاني منتقل ڪيو ويو هو.

Read Previous

وزيراعظم جو نيب چيئرمين جي مقرريءَ تي اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائڻ کان انڪار

Read Next

تائيوان معاملي تي آمريڪي صدر جو چيني صدر سان رابطو

Most Popular