وزيراعظم جو نيب چيئرمين جي مقرريءَ تي اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائڻ کان انڪار

عمران خان

وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان اپوزيشن ليڊر سان صلاح مشورو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

وفاقي ڪابينا نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ جي لاءِ نيب آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪا سرڪيوليشن جي ذريعي ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان موقف اختيار ڪيو آهي ته هو نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان اپوزيشن ليڊر سان مشورو نه ڪندو.

ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ فروغ نسيم کي واضح ڪيو ته هو نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ اپوزيشن ليڊر سان صلاح مشورو نه ڪندو ۽ نه ئي ان معاملي تي اپوزيشن سان مشاورت جو ڪو ارادو آهي.

ان کان اڳ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي قانون واري وزير بيريسٽر فروغ نسيم جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا ۾ نيب چيئرمين جي مقرري تي ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، فواد چوڌري جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها انکان اڳ واري ميٽنگ جي هئي، اها ڳالهه پوءِ بحث هيٺ آئي ته نيب چيئرمين جي حوالي سان شهباز شريف سان مشاورت ڪرڻ گهرجي.

Read Previous

نواز شريف جي مرحومه گهرواري کي به ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي جعلي انٽري جو انڪشاف

Read Next

ڪراچي: ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي جنازي نماز ادا

Most Popular