تائيوان معاملي تي آمريڪي صدر جو چيني صدر سان رابطو

تائيوان جي صورتحال تي آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ چيني صدر شي جن پنگ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته صدر شي جن پنگ تائيوان بابت معاهدي جي پاسداري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

تائيوان چيني جهازن جي حدون اورانگهڻ تي فڪر جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان حملي جو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ 38 چيني فوجي جهازن تائيوان جي دفائي زون ۾ اڏام ڪئي هئي، جيڪو بيجنگ طرفان هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو حملو هو.

تائيوان جي بچاءَ واري وزارت موجب انهن جهازن ۾ ايٽمي صلاحيت رکندڙ بمبار جهاز به شامل هئا، جيڪي ٻن مرحلن ۾ تائيوان جي هوائي دفائي زون ۾ داخل ٿيا هئا.

جڏهن ته تائيوان طرفان پنهنجي جيٽ جهازن ۽ ميزائل سسٽم سان پنهنجو بچاءُ ڪيو ويو.

هوائي دفائي سڃاڻپ زون ڪنهن به ملڪ جي علائقي ۽ هوائي حدن کا ٻاهر جو علائقو هوندو آهي پر اتي ايندڙ پرڏيهي جهازن کي سڃاڻپ، نگراني ۽ قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي.

چين ۽ تائيوان 1940ع جي ڏهاڪي ۾ خانه جنگي دوران ڌار ٿيا پر بيجنگ جو زور آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته ان جزيري کي ڪنهن به وقت طاقت ذريعي ٻيهر حاصل ڪيو ويندو.

Read Previous

ڪراچي: ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي جنازي نماز ادا

Read Next

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ شاهينن جي اڏام جو شيڊيول جاري

Most Popular