رميز راجا پاڪ نيوزيلينڊ سيريز جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا سينيٽ ڪميٽي کي نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن طرفان پاڪستان جا دورا رد ڪرڻ جي معاملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ سينيٽر رضا رباني جي صدارت هيٺ بين الصوبائي رابطن جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ کي ڪو رديءَ جي ٽوڪري ۾ نٿو وجهي سگهي، جيستائين آواز نه اٿارينداسين ڪو ڪم نه ٿيندو.

هن چيو ته نيوزيلينڊ پاڪستان جو دورو رد ڪيو، وري رابطو ڪيو، ايندڙ هفتي نيوزيلينڊ سان هوم سيريز ٻيهر شيڊيول ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو، نيوزيلينڊ کي نومبر 2022 ۾ دوري جي تجويز ڏئي سگهون ٿا، پرڏيهي ٽيمن طرفان دورا رد ڪرڻ تي پاڪستان سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ ڪيوي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ري شيڊيول ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل لاءِ 90 سيڪڙو آمدني فراهم ڪندو آهي، جڏهن ته آءِ سي سي ان آمدني مان 50 سيڪڙو فنڊ پي سي بي کي ڏيندو آهي، خطرو آهي ته جيڪڏهن ڀارت آءِ سي سي کي آمدني ڏيڻ ڇڏي ڏئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ويهي نه وڃي.

Read Previous

تعليمي ادارن جي حوالي سان حڪومت جو وڏو فيصلو

Read Next

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلو، 20 ڄڻا فوت، 300 کان وڌيڪ زخمي

Most Popular