تعليمي ادارن جي حوالي سان حڪومت جو وڏو فيصلو

ملڪ ۾ 16 سيپٽمبر کان 50 سيڪڙو حاضري سان تعليمي ادارا کولڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو قدم کڻي ورتو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر (اين سي او سي) جو ڪورونا صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن، خاص طور تعليمي ادارن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو.

ان ڏس ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير اسد عمر ٻڌايو ته بيماري جي پکيڙ ۾ گهٽتائي ۽ اسڪول ويڪسينيشن پروگرام شروع ڪرڻ جي بنياد تي اڄ اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن تعليمي ادارن ۾ سومر 11 آڪٽوبر کان ڪلاسون معمول موجب شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

Read Previous

ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محمد خان جکراڻي ۾ گهرو تڪرار تان سهري حسام دين جکراڻي لٺيون هڻي پنهنجي ننهن مسمات زيندگ خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

رميز راجا پاڪ نيوزيلينڊ سيريز جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Most Popular