بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلو، 20 ڄڻا فوت، 300 کان وڌيڪ زخمي

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 ڄڻا فوت ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

بلوچستان جي مختلف علائقن ڪوئيٽا، سبي، هرنائي، پشين، قلعا سيف الله، چمن، زيارت ۽ زوب سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ رات جو 3 لڳي 2 منٽن تي زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هرنائي کان 15 ڪلوميٽر پري رڪارڊ ڪيو ويو هو.

پرونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) بلوچستان جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب گھرن جي ملبي هيٺان دٻجي 20 ڄڻا فوت  ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

زلزلي سبب زخمين ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ زخمي ٿيلن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر هرنائي جو چوڻ هو ته هرنائي ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته ملبي هيٺ ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن ۽ علائقي ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي.

Read Previous

رميز راجا پاڪ نيوزيلينڊ سيريز جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Read Next

نيويارڪ ۾ مبينا پراپرٽي جي جاچ، آصف زرداري جي ضمانت ۾ واڌ

Most Popular