کنڊ جي قيمت 89 رپيا 75 پيسا مقرر ڪرڻ جو فيصلو

وفاقي شگر اپيليٽ ڪميٽي کنڊ جي قيمت 89 رپيا 75 پيسا في ڪلو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

شگر ملڪز مالڪن سان ڳالهين بعد نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت سيڪريٽري ايس آر او جاري ڪري ڇڏيو.

شگر ملز مالڪن سرڪاري قيمت جي خلاف ٻن وفاقي سيڪريٽرين تي ٻڌل اپيليٽ ڪميٽي ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي.

ڪميٽي سڀني شگر ملز مالڪن کي  4 صفحن تي ٻڌل پنهنجي فيصلي جي نقل ڪاپي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب کنڊ جي قيمت 89 رپيا 75 پيسا في ڪلو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خودمختيار افغانستان چاهي ٿو: قومي سلامتي ڪميٽي

Read Next

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديليون

Most Popular