ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديليون

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون.

چيف سليڪٽر محمد وسيم اعلان ڪيو آهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن.

اعظم خان ۽ محمد حسنين جي جاءِ تي وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد ۽ حيدر علي کي 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ٽريول ريزرو ۾ موجود فخر زمان کي خوشدل شاهه سان تبديل ڪري 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان 14 آڪٽوبر تائين گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏيو ويندو. ايوينٽ ۾ پاڪستان جي پهرين ميچ ڀارت خلاف کيڏندو.

صحيب مقصود کي اسواڊ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ميڊيڪل ايڊوائيز تي ڪيو ويندو. ٽاپ آرڊر ابيٽر جي لوئر بيڪ جو ايم آر آءِ اسڪين 6 آڪٽوبر تي روڪيو ويو هو.

Read Previous

کنڊ جي قيمت 89 رپيا 75 پيسا مقرر ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

هانيا عامر اڃا تائين سنگل آهي؟

Most Popular