هانيا عامر اڃا تائين سنگل آهي؟

ناليواري پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر پاڻ بابت ڦهليل افواهن جو جواب ڏيندي مداحن جي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏي آهي.

هانيا عامر جيڪا وڏي عرصي کان سوشل ميڊيا کان پري آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي مداحن سان گڏ ڳالهه ٻولهه ڪندي هڪ سيشن رکيو ته کانئس هڪ مداح سوال پڇيو ته ”ڇا توهان سنگل آهيو، جيڪڏهن سنگل آهيو ته ڇا توهان کي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“

مداح جي سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا اعتراف ڪيو ته ها مان سنگل آهيان.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته مونکي في الحال ڪنهن شيءِ جي ڳولا ناهي، هوءَ رڳو پنهنجي ويجهي دوستن سان گڏ سُٺو وقت گذاري رهي آهي ۽ وڏي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديليون

Read Next

افغانستان ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو، 50 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Most Popular