افغانستان ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو، 50 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

افغانستان جي اتر-اوڀر واري صوبي قندوز جي هڪ مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب مسجد ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا آهن.

ان کان اڳ طالبان ترجمان ذبيع الله مجاهد ٽوئيٽر تي هڪ بيان جاري ڪندي تصديق ڪئي ته ڌماڪو قندوز جي هڪ مسجد ۾ ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ اهل تشيع برادري سان واسطو رکندڙ ڪيترائي ڄڻا مارجي ۽ زخمي ٿي پيا آهن.

هن ٻڌايو ته طالبان فورسز جو اسپيشل يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

افغانستان جي گھرو وزير جي ترجمان قاري سيد خوستي به ڌماڪي جي تصديق ڪئي پر تفصيل نه ٻڌايا.

ذريعن موجب قندوز شهر ۾ هڪ اسپتال اندر ڌماڪي ۾ مارجي ويل 15 ڄڻن جا لاش آندا ويا.

Read Previous

هانيا عامر اڃا تائين سنگل آهي؟

Read Next

سيوھڻ لڳ ڳوٺ اميد علي ڪٽوھڙ ۾ راھيجا برادري جي ماڻهن پاران زمين ۽ پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو

Most Popular