سيوھڻ لڳ ڳوٺ اميد علي ڪٽوھڙ ۾ راھيجا برادري جي ماڻهن پاران زمين ۽ پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو

سيوھڻ لڳ ڳوٺ اميد علي ڪٽوھڙ ۾ راھيجا برادري جي ماڻهن پاران زمين ۽ پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڳوٺ اميد علي ڪٽوھڙ جي رھواسي راھيجا برادريء ماڻهن حميد راھيجو ۽ ٻين پنھنجن گھرن آڏو ننڍن ٻارڙن سيمت احتجاجي مظاھرو ڪري دانهيندي چيو ته، بااثر راشد راھيجو رند ۽ ٻيا ھٿيار بند اسان جي گھرن ڀرسان نامعلوم ھٿيار بند ماڻھو ويھاري، مورچا ٺاھي ويٺو آ، جيڪي رات جو شراب پي ڪري اسان جي گھرن مٿان فائرنگ ڪندا رھندا آھن، اسين پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا آھيون اسان جو فصل سڪي پيو، مال بک پيو مري، جيڪڏھن اسين پنهنجي ٻنين ڏانهن ٿا وڃون ته بااثر اسان جي مٿان فائرنگ ٿا ڪن، اسان جا ٻچا خوف وچان اسڪول ۽ مسجد نٿا وڃي سگهن اسان جي ماڻھن کي پوليس ھٿان ڪوڙا ڪيس ھڻائي کڻائي گم ڪيا ويا آھن اسان وڏڙن کان وٺي هتي رهون ٿا اسان جي زمين ۽ پلاٽ آهي اسان غريب آهيون الله کان سواء ڪو سهارو ناهي ٻي ڌر بااثر آهي اسان کي ڌمڪائين ٿا ته پلاٽ،زمينون ڇڏي هتان لڏي وڃو اسين ايس ايس پي ڄامشورو، آء جي سنڌ، ايم اين اي سردار سڪندر راھپوٽو ۽ وزير اعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي گزارش ٿا ڪريون ته اسان نوجوانن تي ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا وڃن بيگناه اسان کي ٽارچر ڪيو پيو وڃي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مٿي ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

Read Previous

افغانستان ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو، 50 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Read Next

رحيم يار خان: واردات دوران ڦورن جي انڌاڌند فائرنگ، 8 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular