آزاد ڪشمير جي ٻن تڪن ۾ ننڍي چونڊ، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري

آزاد ڪشمير جي ٻن تڪن ايل اي 12 ڪوٽلي ۽ ايل اي 3 ميرپور ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو ۽ ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي.

ايل اي 3 ميرپور جي سيٽ آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود ۽ ايل اي 12 ڪوٽلي چڙهوئي جي سيٽ پ پ جي چوڌري محمد ياسين خالي ڪئي هئي.

ايل اي 12 ڪوٽلي چڙهوئي ۾ ووٽرن جو مجموعي انگ 6 هزار 428 آهي، اهو تڪ دوليا جٽان، ڪالا ڊپ، چڙهوئي شهر، ڌمال ۽ لائن آف ڪنٽرول تائين پکڙيل آهي.

تڪ ۾ 198 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 101 کي حساس ترين ۽ 36 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

ايل اي 12 ڪوٽلي ۾ ننڍي چونڊ ۾ مجموعي طور 14 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن ۽ تڪ جي حساس صورتحال سبب اتي پاڪ فوج جا دستا ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور موجود هئا.

آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي 3 ميرپور ۾ 148 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، تڪ ۾ ڪُل ووٽرن جو انگ 85 هزار 917 آهي، اهو چونڊ تڪ خان پور، کاڙڪ، رٺوعه محمد علي، ٿوٿال، سنگهوٽ، ميونسپل ڪارپوريشن جي علائقن ۽ نيو سٽي جي اي کان وٺي ايف تائين سيڪٽرن جي علائقن تي ٻڌل آهي.

Read Previous

رحيم يار خان: واردات دوران ڦورن جي انڌاڌند فائرنگ، 8 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

ڊاڪٽر عبدالقدير خان سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

Most Popular