ڊاڪٽر عبدالقدير خان سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي

پاڪستان جي جوهري پروگرام جي باني ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سرڪاري اعزاز سان اسلام آباد جي ايڇ 8 قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ان کان اڳ قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز جي امامت پروفيسر ڊاڪٽر محمد الغزالي ڪئي، جنهن ۾ قائم مقام صدر ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کانسواءِ سول، ملٽري اختيارين ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو مڙهه تدفين لاءِ ايڇ 8 قبرستان اسلام آباد نيو ويو، جتي ان جي تدفين ڪئي وئي.

جنازي نماز کان اڳ ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي پاڪ فوج جي دستي سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته جنازي نماز جي موقعي تي برسات به ٿيندي رهي.

Read Previous

آزاد ڪشمير جي ٻن تڪن ۾ ننڍي چونڊ، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري

Read Next

حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو، پي ڊي ايم جو اهم سربراهي اجلاس سڀاڻي ٿيندو

Most Popular