رحيم يار خان: واردات دوران ڦورن جي انڌاڌند فائرنگ، 8 ڄڻا مارجي ويا

رحيم يار خان جي علائقي چوڪ ماهي تي ٻن پيٽرول پمپن تان ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري 8 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب چوڪ ماهي واري هنڌ ڦورن ٻن پيٽرول پمپن تان ڦر جي ڪوشش دوران انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر اسد سرفراز ٻڌايو ته ڦورن جي فائرنگ ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي به ٿيو.

پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

هوڏانهن آءِ جي پوليس پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او بهاولپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

آءِ جي ترجمان جو چوڻ هو ته پوليس ٽيمون جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيون آهن.

Read Previous

سيوھڻ لڳ ڳوٺ اميد علي ڪٽوھڙ ۾ راھيجا برادري جي ماڻهن پاران زمين ۽ پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو

Read Next

آزاد ڪشمير جي ٻن تڪن ۾ ننڍي چونڊ، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري

Most Popular