پيءَ جي لاڏاڻي تي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو قانون عجيب آهي: چيف جسٽس

جسٽس منيب اختر

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته پيءَ جي جاءِ تي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو قانون عجيب آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته پيءَ جي لاڏاڻي تي پٽ ڀرتي ٿي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ ملازمن جي ٻارن کي نوڪري ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت چيو ته سرڪاري ملازمت جا اهل اهي ئي ٻار هوندا، جن جي پيءَ جو لاڏاڻو 2005 کانپوءِ ٿيو آهي، اڳ ۾ لاڏاڻو ڪري ويندڙ ملازمن جي ٻارن تي وزيراعظم پيڪيج لاڳو نه ٿيندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پيءَ جي جاءِ تي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو قانون ئي عجيب آهي، سرڪاري آفيسون وراثت ۾ ملڻ واريون شيون ته ناهن، ائين نوڪريون ڏيڻ سان ميرٽ جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته پيءَ جو لاڏاڻو ٿئي ۽ پٽ ڀرتي ٿي وڃي.

عدالت چيو شروعاتي طور اهو قانون پوليس ۽ ٻين شهيدن لاءِ هو، گهٽ آمدني وارن ملازمن لاءِ قانون ٺهيو هو پر ڀرتي آفيسرن جا ٻار ٿيندا آهن، اي ايس آءِ جو پٽ چوندو آهي ته ڊائريڪٽ ڊي ايس پي ڀرتي ڪيو.

Read Previous

شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل جو نيب آرڊيننس تحت رليف وٺڻ کان انڪار

Read Next

ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي: فواد چوڌري

Most Popular