والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبا مفتي کي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ ان جي پُٽ آريان خان جي حق ۾ بيان ڏيڻ مهانگو پئجي ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب محبوبا مفتي خلاف دهلي جي هڪ وڪيل طرفان شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ آريان جي گرفتاري جي بابت محبوبا مفتي جي بيان کي نامناسب قرار ڏنو ويو آهي.