ماضي جا نتيجا وساري ڀارت خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين: بابر اعظم

بابر اعظم

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتحاڻي انداز ۾ شروعات ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هن چيو آهي ته ڀارت خلاف ميچ کٽي مومينٽم حاصل ڪنداسين.

لاهور ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ سان ميگا ايونٽ جي تياري ۾ ڀرپور مدد ملي، سيناريو ميچن ۾ به سٺي پريڪٽس ٿي، ميگا ايونٽ ۾ هر ميچ جو دٻاءَ هوندو آهي، ڀارت خلاف فتح سان مومينٽم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان سان ايندڙ ميچن لاءِ اعتماد وڌندو.

هن چيو ته هڪ گروپ طور اسان جو مورال بلند، رانديگر پراعتماد آهن، ماضي جي نتيجن کي ڇڏي روايتي مخالف خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين، مون کي يقين آهي ته اسان ڀارت خلاف پهرين ميچ ۽ ورلڊ ڪپ به کٽي سگهون ٿا.

سندس چوڻ هو ته سمورا رانديگر ڪارڪردگي تي چونڊيا ويا آهن، شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ ميچ ونر آهن، سينيئر رانديگرن جو ٽيم ۾ هجڻ ضروري آهي، نوجوان ڪرڪيٽرن ۾ به صلاحيتون موجود آهن، انهن کي سينيئرن مان سکڻ جو موقعو ملندو.

بابر اعظم چيو مون کي خوشي ۽ فخر آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪري رهيو آهيان، رضوان ۽ منهنجو نالو گهڙي گهڙي اچي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ذميواري سان کيڏون، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به مان ۽ رضوان کي اوپننگ ڪنداسين.

Read Previous

محبوبا مفتي کي آريان خان جي حمايت ڳچي ۾ پئجي وئي

Read Next

نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ وزيراعظم آفيس کي سمري وصول

Most Popular