لياري گينگ وار جي جوابدار تي جيل ۾ تشدد، ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم

لياري گينگ وار جي جوابدار ڪامران کي جيل ۾ تشدد ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار جا وارث سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويا.

جوابدار ڪامران جي پيءَ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي جيل ۾ سخت تشدد ڪري چريو ڪيو ويو آهي، هاڻ نه هو ٻڌي سگهي ٿو ۽ نه ڳالهائي سگهي ٿو.

عدالت جاچ آفيسر کي قيدي جي گهر وارن سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ڪامران کي پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

واضح رهي ته ڪامران 2016ع کان لانڍي جيل بيرڪ 13 ۾ قيد آهي.

پوليس موجب ڪامران لياري گينگ وار جو ڪارڪن هو، ڪامران لياري ۾ ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هو.

Read Previous

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به ”رحمت اللعالين صه“ ڏهاڪو ملهائڻ جو فيصلو

Read Next

محبوبا مفتي کي آريان خان جي حمايت ڳچي ۾ پئجي وئي

Most Popular