نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ وزيراعظم آفيس کي سمري وصول

وزيراعظم آفيس کي نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ بچاءَ واري وزارت طرفان سمري وصول ٿي وئي.

بچاءَ واري وزارت طرفان نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اعلان ڪيو ويندو.

ان کان اڳ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو هو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي مشاورت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين مقرري جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ به سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان اڳڪٿين تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.

وزيراعظم پاڪ فوج ۾ مقررين ۽ بدلين تي ڪابينا ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته اهم عهدن تي مقررين جي حوالي سان ڪو اختلاف ناهي، ان حوالي سان خبرن تي ڪو ڌيان نه ڏيو.

Read Previous

ماضي جا نتيجا وساري ڀارت خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين: بابر اعظم

Read Next

ملڪ ۾ اهم مقرريون وزيراعظم بدران جِنَ ڪندا آهن: مريم نواز

Most Popular