ملڪ ۾ اهم مقرريون وزيراعظم بدران جِنَ ڪندا آهن: مريم نواز

مريم نواز

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سول ۽ ملٽري وچ ۾ لاڳاپن ۽ نئين ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي مقرريءَ ۾ دير تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اهم مقررين تي ملڪ کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي جاءِ تي اهم مقرريون جِنَ ڪندا آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سچ کي هڪ ڏينهن ضرور سامهون اچڻو آهي، آئين جيڪو اختيار هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڏيندو آهي، ان تي ڪي ٻه رايا ناهن پر عمران خان آئيني وزيراعظم نه آهي، هن نواز شريف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي.

هن چيو ته جيڪو شخص جادو ٽوڻي ۽ جهاڙ ڦوڪ سان حڪومتي معاملا هلائيندو آهي ۽ ملڪ جون اهم مقرريون، جنهن جو واسطو پاڪستان جي سلامتي سان سڌي ريت آهي، جادو ٽوڻي سان ڪندو هجي، وزيراعظم جي جاءِ تي اهم مقرريون جِنَ ڪندا هوندا، سندس ٽائمنگ اهي طئي ڪندا هجن ته اهڙين حالتن ۾ دنيا آڏو تماشو ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي.

Read Previous

نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ وزيراعظم آفيس کي سمري وصول

Read Next

125 جي شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري، 55 جديد تبديلين سان نئون ماڊل پيش

Most Popular