125 جي شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري، 55 جديد تبديلين سان نئون ماڊل پيش

هُنڊا ڪمپني جي طرفان سي جي 125 ۾ ڪجهه تبديليون ڪندي نئون ماڊل پيش ڪيو آهي.

ڪمپني طرفان ان موٽرسائيڪل ۾ ڪيل تبديلين کانپوءِ انکي مارڪيٽ ۾ وڪري جي لاءِ به پيش ڪيو ويو آهي.

سي جي 125 ۾ تبديلين جي حوالي سان ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان بائيڪ ۾ گڏيل طور 55 تبديليون آنديون ويون آهن.

نئين موٽرسائيڪل ۾ اهم ترين تبديليون بيئرنگ، ريڊيل بال ۽ ڊرم گيئر شفٽ ۾ ڪيون ويون آهن.

نئين بيئرنگ جي ڊيزائن اڳ کان سٺي ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ لوڊ جي گنجائش ۽ آپريشن کي يقيني بڻايو ويو آهي.

اهڙي ريت ڊرم گيئر شفٽ جي نئين ذيزائن به هموار گيئر شفٽنگ جي لاءِ موٽرسائيڪل جو حصو بڻائي وئي آهي.

نئين گيئر شفٽ سان فريڪشن (گاٺ) گهٽ ٿيندو ۽ گاڏي جا فائدا وڌي ويندا.

نئين سي جي 125 جي حوالي سان ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئين آندل موٽرسائيڪل کي پراڻي قيمتن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو مطلب ته اها نئين موٽرسائيڪل هڪ 47 هزار 500 رپين ۾ دستياب هوندي.

خيال رهي ته نئين سي جي 125 ايندڙ هفتي سڄي ملڪ ۾ ڊيلرن وٽ پهچي ويندي.

Read Previous

ملڪ ۾ اهم مقرريون وزيراعظم بدران جِنَ ڪندا آهن: مريم نواز

Read Next

عورت کي نانگ کان ڏنگرائي مارڻ جو جوابدار مڙس نڪتو

Most Popular