وزيراعظم جو عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو

عمران خان

) وفاقي حڪومت عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مهانگائي ۽ معاشي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس مهانگائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم وفاقي وزيرن کي پرائس ڪنٽرول ڪميٽين تي عمل لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وزير پنهنجي تڪن ۾ هٿرادو مهانگائي تي نظر رکن ۽ مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪن.

اجلاس دوران وزيراعظم ذخيرو ڪندڙن خلاف به سخت ايڪشن وٺڻ جون هدايتون ڏنيون.

Read Previous

ٻچو ٻچو شاهدي ڏئي رهيو آهي ته ملڪي تاريخ جي بدترين حڪومت آئي آهي: شهباز شريف

Read Next

ڪوئيٽا: بلوچستان يونيورسٽي ڀرسان ڌماڪو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي

Most Popular