ڪوئيٽا: بلوچستان يونيورسٽي ڀرسان ڌماڪو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ تي بلوچستان يونيورسٽي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا آهن.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي ٻڌايو ته بلوچستان يونيورسٽي جي گيٽ تي ڊيوٽي تي مقرر پوليس ٽرڪ کي موٽر سائيڪل ۾ لڳل ڌماڪيدار مواد سان نشانو بڻايو ويو.

سندس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ اهلڪارن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

Read Previous

وزيراعظم جو عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو

Read Next

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي ڇڏيو

Most Popular