ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان وارم اپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي ڇڏيو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ ويسٽ انڊين ٽيم پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي سگهي.

پاڪستان طرفان حسن علي، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عماد وسيم هڪ شڪار ڪيو.

جواب ۾ قومي ٽيم گهربل هدف 15.3 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو.

Read Previous

ڪوئيٽا: بلوچستان يونيورسٽي ڀرسان ڌماڪو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي

Read Next

ٻه خان به جلد جيل وڃي سگهن ٿا: ڪي آر ڪي جي وڏي دعويٰ

Most Popular