بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ جو نالو ڪهڙو رکيو؟

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ جو نالو رکي ڇڏيو.

انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪندي بختاور ڀٽو ٻڌايو ته مان پنهنجي پٽ جو نالو ”مير حاڪم محمود چوڌري“ رکيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پٽ وقت کان اڳ ڄائو، ان لاءِ دعا ڪيو: بختاور ڀٽو

سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي پٽ جو نالو مرحوم مامي جي نسبت سان ”مير“، جڏهن ته ڏاڏي جي نسبت سان ”حاڪم“ رکيو آهي.

بختاور طرفان پٽ جي پيدائش جي اعلان کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ان جي تصوير ڏسڻ جو انتظار آهي پر اڃا تائين خاندان طرفان ٻارڙي جي تصوير جاري ناهي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا: بختاور پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو، آصف زرداري نانو ۽ بلاول مامو بڻجي ويو

واضح رهي ته بختاور ڀٽو کي هلندڙ مهيني جي ڏهين تاريخ تي پٽ ڄائو هو.

Read Previous

بل گيٽس جي ڌيءَ مسلمان دوست سان شادي ڪري ڇڏي

Read Next

واٽس فيچرز ۾ نواڻ، واهپيدار سهولت ڏسي خوشي ۾ حيران

Most Popular