بل گيٽس جي ڌيءَ مسلمان دوست سان شادي ڪري ڇڏي

مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس جي ڌيءَ جينيفر گيٽس پنهنجي مسلمان مصري دوست نائل ناسر سان شادي ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 16 آڪٽوبر تي اڳ ۾ مسلمان طريقيڪار تحت هڪ محدود تقريب ٿي جنهن کانپوءِ نيو يارڪ ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ جينيفر گيٽس ۽ نائل ناسر شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجي ويا.

ميڊيا رپورٽن موجب ان شادي ۾ 20 لک ڊالر (34 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان مٿي) جو خرچ آيو، جڏهن ته شادي واري ڏينهن اختيارين رستا ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيا.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شادي جي اها تقريب جينيفر جي ويسٽ چيسٽر هارس فارم ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سوين مهمان شريڪ ٿيا.

Read Previous

ٻه خان به جلد جيل وڃي سگهن ٿا: ڪي آر ڪي جي وڏي دعويٰ

Read Next

بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ جو نالو ڪهڙو رکيو؟

Most Popular