واٽس فيچرز ۾ نواڻ، واهپيدار سهولت ڏسي خوشي ۾ حيران

واٽس ايپ مختلف وقتن ۾ پنهنجي فيچرز ۾ تبديلي آڻيندو رهندو آهي جنهن کان واهپيدارن کي آگاهه ڪيو ويندو آهي پر هن ڀيري واهپيدارن کي بنا آگاهي جي فيچرز ۾ تبديلي آندي وئي آهي ۽ ان اوچتي تبديلي انهن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ چپ چاپ ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽيڊ چيٽ بيڪ اپ فيچر متعارف ڪرايو آهي جيڪو اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس جي لاءِ آهي.

اهو فيچر ترتيب وار سڀني واهپيدارن کي دستياب هوندو مطلب ته واهپيدارن کي پاڻ سيٽنگز ۾ وڃي انکي ان ايبل ڪرڻو پوندو.

طريقو.

ان جو مقصد آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ڊيوائس تي واٽس ايپ کي کولڻ آهي.

کولڻ کانپوءِ واٽس ايپ جي سيٽنگ مينيو ۾ وڃو.

اتي چيٽس، پوءِ چيٽ بيڪ اپ تي وڃو جتي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ بيڪ اپ جو آپشن هوندو(جيڪڏهن توهان لاءِ فيچر دستياب هوندو ته)

اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽيڊ بيڪ اپ کي سليڪٽ ڪيو ۽ سامهون ايندڙ هدايتن موجب پاسورڊ يا پنهنجي پسند جو لاڪ رکو.

Read Previous

بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ جو نالو ڪهڙو رکيو؟

Read Next

جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر معراج الهديٰ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪمرانن قوم کي پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي

Most Popular