جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر معراج الهديٰ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪمرانن قوم کي پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي

سڪرنڊ ( رپورٽ ) جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر معراج الهديٰ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪمرانن قوم کي پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي ماڻھو بک ۽ بد حاليءَ جو شڪار آهي جڏھن ته حڪمران عياشين واري زندگي ۾ آهن هُو سڪرنڊ ۾ محفل ذڪر مصطفيٰ صليٰ الله عليه وسلم کي خطاب ڪري رهيو هو هن چيو ته مسلمانن ۾ عشق رسول جي طاقت آهي ۽ حوصلو وڙهندو آهي هٿيار نه جنهن جا ٻه مثال آهن ته ننڍڙو علائقو غزا جنهن اسرائيل کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا جڏھن ته آمريڪا جي چار لک هٿياربند فوج افغانستان جي 75 هزار طالبان کي جهڪائي نه سگهي اهو جذبو صرف ايماني آهي هن وڌيڪ چيو ته رياست مدينه جي دعويٰ ڪندڙ حڪمرانن جي اسيمبلين مان بل پاس ڪيو ويو ته 18 سالن کان گهٽ عمر وارو اسلام قبول نٿو ڪري سگهي جيڪڏھن اسلام قبول ڪندو ته سيشن جج جي آڏو ڪندو پر هنن مسلمان حڪمرانن کي ڪهڙي خبر ته سيدنا موليٰ علي مشڪل ڪرم الله وجه صرف 10 سالن ۾ اسلام قبول ڪيو هو ان ڪري حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ جماعت اسلامي پاران بل جي مخالفت ڪئي وئي جنهن بعد اهو بل اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي موڪليو ويو هن اهو به چيو ته بنيادي طور طاقت ايمان ۽ عشق جي آهي جنهن جو مثال حضرت بلال حبشي مان لڳائي سگهجي ٿو جنهن کي عربستان جي تتل واريءَ تي ليٽائي کائنس عشق رسول ۽ دين جي محبت تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر عشق سلامت رهيو اهوئي عشق رسول آهي جنهن جي اسين پرڇار پيا ڪريون هن حڪمرانن جي لڇڻن جو ذڪر ڪندي چيو ته گذريل ٻوڏ دوران جڏھن دنيا جي مشهور فنڪاره انجيلا جولي پاڪستانين جي مدد لاءِ پهتي ته وزيراعظم سندس مان ۾ دعوت ڪئي جنهن بعد انجيلا پنهنجي تاثرات ۾ چيو ته مونکي وزيراعظم جو دسترخوان ڏسي حيراني ٿي ته ان دسترخوان تي قسمين قسمين جا طعام هئا ۽ ان جي ئي ملڪ جا ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن هن وڌيڪ چيو ته مختلف ملڪن ۾ ڪورونا وگهي موت جو انگ لکن ۽ ڪروڙن ۾ آهي پر اسان وٽ پاڪستان ۾ ان جو انگ صرف 28 هزار آهي جنهن تي ڊبليو ايڇ او وارن رپورٽ ڏني ته پاڪستان ۾ ڪورونا کي صحت کاتي پاران بهتر نموني ڪنٽرول ڪيو ويو پر هنن کي ڪهڙي خبر ته ڪورونا کي حڪومت جي صحت کاتي نه بلڪه جذبه ايماني روڪيو آهي ڇاڪاڻ جو صحت کاتي جي ڪارڪردگي جي اسان کي خبر آهي ان کان اڳ ميزبان سيد عقيل اقبال آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ان موقعي تي ڪنور راشد مڪرم ، عاشق حسين پٺاڻ ، توصيف رحماني ، انوار احمد ۽ عبدالعليم راجپوت پڻ موجود هئا .

Read Previous

واٽس فيچرز ۾ نواڻ، واهپيدار سهولت ڏسي خوشي ۾ حيران

Read Next

بلوچستان اسيمبلي ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش

Most Popular