پي ڊي ايم حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي.

اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ن ليگ طرفان حڪومت مخالف تحريڪ جي سلسلي ۾ راولپنڊي جي لياقت باغ ٻاهران مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ۾ ڪيترائي ماڻهو شريڪ هئا، جن مهانگائي ۽ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.

ان دوران حڪومت خلاف لياقت باغ کان ڪميٽي چوڪ تائين ريلي به ڪڍي وئي، جنهن سبب مري روڊ تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي.

واضح رهي ته پي ڊي ايم طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج لاءِ ريلين، جلوسن ۽ احتجاج جي پروگرام کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جعلي حڪمرانن کي گهر موڪلڻ جي فيصلائتي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

بلوچستان اسيمبلي ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش

Read Next

آمريڪا وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو

Most Popular