مائيڪرو سافٽ پاران چين ۾ لنڪڊ ان سروسز بند ڪرڻ جو اعلان

مائيڪرو سافٽ چين ۾ مشهور سوشل نيٽ ورڪنگ ايپ لنڪڊ ان کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب مائيڪرو سافٽ چين طرفان مشڪل انٽرنيٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ سبب چين ۾ پنهنجي لنڪڊ ان سروسز کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مائيڪرو سافٽ انتظاميه موجب لنڪڊ ان سروسز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪجهه صحافين جا پروفائل بلاڪ ڪرڻ تي چيني حڪومت طرفان دٻاءُ کان پوءِ ڪيو ويو. پر هاڻ مائيڪرو سافٽ جو چوڻ آهي ته چيني عوام جي لاءِ صرف نوڪري ڏيندڙ ورزن کي هلندڙ سال جي آخر ۾ متعارف ڪرايو ويندو پر ان ۾ سوشل فيڊ پوسٽ ۽ شيئر ڪرڻ جو آپشن نه هوندو.

Read Previous

ڊينگي ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجڻ لڳي، ست ڄڻا فوت

Read Next

سماج سڌارڪ سنڌ جي نياڻي ڳوٺ موسا راڄپر جي سماجي رهنما روشن سائره جي بي دردي سان قتل ٿيڻ بعد سندس پٽ کي ڄار ۾ ڦآسايو ويو

Most Popular