ڊينگي ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجڻ لڳي، ست ڄڻا فوت

اسلام آباد: ڊينگي ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجڻ لڳي. اسلام آباد ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 24 ڪلاڪن دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اسلام جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) موجب اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 ڄڻا ڊينگي سبب فوت ۽ 141 ڄڻا متاثر ٿيا آهن.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڊينگي جي گڏيل ڪيسن جو انگ 2 هزار 230 ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 78 ڪيس رپورٽ ٿيا.
خيبرپختونخواهه ۾ به ڊينگي وائرس سبب 5 ڄڻا فوت جڏهن ته ڊينگي جا 241 ڪيس رپورٽ ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي وائرس جي فعال ڪينسن جو انگ هڪ 286 ٿي ويو آهي.

Read Previous

اداڪار شان کي عوام جي نه وزيراعظم جي ڳڻتي!

Read Next

مائيڪرو سافٽ پاران چين ۾ لنڪڊ ان سروسز بند ڪرڻ جو اعلان

Most Popular