سماج سڌارڪ سنڌ جي نياڻي ڳوٺ موسا راڄپر جي سماجي رهنما روشن سائره جي بي دردي سان قتل ٿيڻ بعد سندس پٽ کي ڄار ۾ ڦآسايو ويو

راڻيپور( رپورٽر سيد زوار حسين شاه ) سماج سڌارڪ سنڌ جي نياڻي ڳوٺ موسا راڄپر جي سماجي رهنما روشن سائره جي بي دردي سان قتل ٿيڻ بعد سندس پٽ کي ڄار ۾ ڦآسايو ويو , منهنجي زال جا قاتل هي ناهين , ڊي آئي جي سکر پاران انڪوائري ٽيم راڻيپور ٿاڻي پهچي نيوٽرل انڪوائري ناهي ڪئي آفيسرن مٿان عدم عتماد جو اظهار , جڊيشنل انڪوائري ڪاميٽي جوڙڻ جو مطالبو رپورٽ موجب گذريل ٻه ھفتا اڳ زميني تڪرار تان سنڌ سڌآرڪ سماج سڌارڪ کي بي دردي سان وڏي ڊرامائي انداز ۾ قتل ڪيو ويو جنهن جا پيرا ب وڃائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي, جڏھن ته شهيد روشن سائره جي ويڳي پٽ قتل ۽ چرچ جي اٺن ڄڻن جنهن ۾ چار هٿيار بند نامعلوم جڏھن ته چئن جنهن م پير سيد معشوق علي شاه جيلاني , پير سيد آفتاب شاه جيلاني , انجنيئر غلام سرور ميمڻ , خليل احمد ميمڻ مٿان ڪٽرائي وئي , جنهن بعد صورت حال عجيب غريب ٿي وئي, جڏھن ته ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال ڦڙتي ايتري ڏيکاري جو چند ڄڻ ڪلاڪن ۾ جادوئي طلسمي ڇڙهي استعمال ڪري فريادي سميت ٻين کان انويسٽيگيشن دوران فريادي جيڪو شهيد روشن جو ويڳو پٽ آھي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو جڏھن ته جوابدارن جن مٿان قتل جي چرچ جي ايف آئي آر ڪاٽي وئي هئي عدالت سڳوري ٽي ٽي لک روپين عيوض ٽنهين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي , جڏھن ته مقتولا جي قتل م ملوث قبضا لينڊ مافيه جي گرفتاري جو مطالبو ويو جڏھن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ف ليگ رهنما پير سيد معشوق علي شاه جيلاني , پير سيد آفتاب شاه , انجنيئر غلام سرور ميمڻ مٿان ڪوڙيون ايف آء آر فوري ختم ٿيڻ جا مطالبه ٿيندا رهيا آھن , جڏھن ته شهيد روشن سائره جي مڙس محبوب راڄپر صحآفين کي ڏوراپا ڏيندي چيو ته منهنجي زال جا قاتل صرف اهي ئي آھن جن جا نالا منهنجي زال پنهنجي حياتي ۾ ئي ظاهر ڪيا هيا , منهنجي معصوم ٻچڙن کي ڦاسايو پيو وڃي , هن وڌيڪ چيو ته زمين اسان جي آھي , اهو ئي سبب آھي ته جنهن منهنجي زال جي حمايت ڪئي ۽ پيرن ميرن اڳيان ٿي بيٺآ آنهن کي کنڀي گم ب ڪيو ويو حراسان به ڪيو پيو وڃي , پر مان آفيسر آھيان قانون کي فالو ڪندس في الحال سنڌ جي ادارن جي بي بسي لاچاري ڏسي رهيو آهيان , جيڪڏھن سنڌ جو شعور سڄآڳ نه ٿيو ته مجبورن اسلام آباد جو رخ ڪندس جتي سول سوسائيٽي صحآفي بنان ڪنهن خوف جي شهيد روشن سائره جي قاتلن کي گرفتار ڪرائيندا, اڃان به انصاف نه مليو ته وڏي عدالت جو درکڙڪائيندس جيئن شهيد راڻي جي روح کي سڪون ملي , مان سڀ ڪم ڇڏي شهيد روشن سائره جو مشن جتان هن ڇڏيو اتان شروعات ڪندس پوء نتيجه ڪهڙا به نڪرن , اڄ به چوان ٿو ته جڊيشنل انڪوائري ٽيم جوڙي وڃي , نتيجو اڳيان اچي ويندو, بس اهو ڏک نه ويندو ته ڪيئن لينڊ گريبرس ڪيئن ٿا سچ کي موت جو تحفو ڏيئي لڪائين , ۽ دولت جي طاقت سان ڪيئن ٿا بي ڏوهين غريبن کي قاتل ٺھرائين , هت ت قاتل حساب ڏيندا پر مٿي خدا پاڪ اڳيان به ڏيندا, هن وڌيڪ چيو ته ڊي آئي جي سکر جي سچي ڪوشش تي سلام پيش ڪيان ٿو پر اها به سڌ پئي آھي ته ڊي آئي جي سکر فدا مستوئي کي به هٽائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن , جڏھن ته شهيد روشن سائره جي قتل ٿيڻ بعد سياسي سماجي شخصيتن جن ۾,ايم پي اي پيرسيد احمد رضا شاه عرف پيار سائين , ايم پي اي منور حسين وساڻ , ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاه , ايم اين اي پير سيد جاويد علي شاه جو فرزند پير سيد فهد علي شاه ۽ ٻين تعذيت ڪرڻ بعد ڏک جو اظھآر ڪيو , جن به صاف شفاف انڪوائري جي يقين دهاني ڪرائي آهي جڏھن ته سابق صوبآئي وزير هاڻوڪي زراعت جي صلاحڪار منظور حسين وساڻ کي ڏوراپو ڏنو ته ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبآل ايس ايڇ او عبدالجبار ميمڻ , ايس ايڇ او رانيپور حنيف ميمڻ کي فوري هٽائڻ ۾ مدد ڪندا

Read Previous

مائيڪرو سافٽ پاران چين ۾ لنڪڊ ان سروسز بند ڪرڻ جو اعلان

Read Next

لاڙڪاڻي ويجهو يونيورسٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ حمزو جتوئي واسي وقار جتوئي جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار

Most Popular