باليووڊ جي ناليواري پلي بيڪ سنگر ميڪا سنگهه آريان خان جي گرفتاري جي معاملي تي طنزيا انداز ۾ تبصرو ڪندي پڇاڻو ڪيو آهي ته ڇا ايڏي وڏي ڪروز شپ ۾ آريان خان اڪيلو سفر ڪرڻ وارو شخص هو؟
ميڪا سنگ مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان ئي ڪروز جي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن مان آريان خان کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان ڏکئي وقت ۾ شاهه رخ خان جي حمايت ڪئي آهي.