اليڪشن ڪميشن ريلوي واري وزير اعظم سواتي جي مهلت جي اپيل رد ڪندي کيس ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
تحريڪ انصاف سينيٽر اعظم سواتي جي اليڪشن ڪميشن جي الزامن جي ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني ۽ شاهه محمد جتوئي تي ٻڌل بئنچ ڪئي.
اعظم سواتي جي وڪيل جو جونيئر وڪيل تنوير ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته وڪيل چوڌري فيصل سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي.