يمن جي گهرو ويڙهه ۾ هزارين گُل ڪومائجي ويا

ٻارن جي ڀلائي جي عالمي اداري يونيسيف چيو آهي ته يمني گهرو ويڙهه جي 7 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار ٻار اجل جو شڪار يا وري زخمي ٿي چڪا آهن.

گڏيل قومن جي ان اداري اهڙي اڳڀرائي کي دنيا جي ان بدترين انساني بحران ۾ هڪ ٻيو شرمناڪ سنگ ميل قرار ڏنو آهي.

انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته ويڙهه سبب يمن ۾ روز تقريبن 4 ٻار مري ٿا وڃن يا زخمي ٿي ويندا آهن.

يونيسيف موجب 10 هزار واقعا رڪارڊ ڪيا ويا پر مارجي ويلن يا زخمي ٻارن جو حقيقي انگ ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.

Read Previous

بجلي جو جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون

Read Next

مورو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران مورو شهر ۾ شراب جو وائين شاپ گتو کلڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular