مورو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران مورو شهر ۾ شراب جو وائين شاپ گتو کلڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

مورو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران مورو شهر ۾ شراب جو وائين شاپ گتو کلڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ جمعيت علماء اسلام جي ڪارڪنن اڳواڻن مختلف سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مظاهرين جي هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا هئا جيڪي نعره هڻندا شهر جي مختلف هنڌن کان ٿيندا مورو پريس ڪلب پهتا جتي اڳواڻن جمعيت علماء اسلام ضلع نوشھرو فيروز جي جي امير مولانا عبدالرحمان ڏنگراج مولانا محمد ابراهيم ڪورائي مولانا عبدالرشيد بروهي محمد حنيف سمون عبدالمالڪ ابڙو مورو شهري امن ڪاميٽي جي صدر خادم حسين کوسو برڪت علي چنا عوامي تحريڪ جي غلام فريد ڪلهوڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مورو شهر ۾ سڙي عام شراب جو وائين شاپ گتو کوليو ويو آهي اسان اهو عمل برداشت نه ڪنداسين هنن چيو ته اسان چتاء ٿا ڏيون ته هڪ هفتي ۾ گتو بند نه ڪيو ويو ته جمعيت علماء اسلام جا ڪارڪن اڳواڻ شراب جو گتو پاڻ ختم ڪندا جنهن ڪري اسان انتظاميه ۽ پوليس کي فوري طور گتو بند ڪرائي نه ته خراب حالتن جي ذميداري انتظاميه تي هوندي هنن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ مورو ۾ شراب جو وائين شاپ گتو هلڻ نه ڏينداسين نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچائيندا سين هنن چيو ته ملڪ م مھانگائي عروج تي آھي حڪمران ھر ھفتي پيٽرول جي قيمتن م اضافو ڪري رھيا آھن ھڪ پاسي نااھل حڪمران عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي ھڪ پاسي مدينہ رياست ٺاھڻ جا اعلان آلاپيا وڃن تہ ٻئي پاسي اسلامي ملڪ ۾ مسلمانن جي شهرن ۾ شراب جي گتن جي اجازت ڏني وئي آهي

Read Previous

يمن جي گهرو ويڙهه ۾ هزارين گُل ڪومائجي ويا

Read Next

مهانگائيءَ جي ٻوڏ، هلندڙ هفتي 29 شين جي اگهن ۾ واڌ

Most Popular