ٽي ايل پي لانگ مارچ: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، اهم شاهراهه بلاڪ

پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) طرفان جمعي نماز کان پوءِ اسلام آباد طرف احتجاجي لانگ مارچ جي اعلان کان پوءِ پوليس ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو.

پوليس ۽ انتظاميا طرفان مظاهرين کي اسلام آباد پهچڻ کان روڪڻ لاءِ جاڙن شهرن (اسلام آباد ۽ راولپنڊي) ۾ مختلف اهم شاهراهه بلاڪ ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته پابندي مڙهيل جماعت اڱاري ڏينهن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ڪڍيل جلوس کي سعد رضوي جي آزادي لاءِ احتجاجي ڌرڻي جي شڪل ڏني هئي.

احتجاج کي نظر ۾ رکندي جاڙن شهرن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ ميٽرو اسٽينز سميت مختلف هنڌن تي پوليس جي نفري مقرر آهي.

ٻي پاسي اسلام آباد ۽ راولپنڊي پوليس گذريل 24 ڪلاڪن دورنا ڪالعدم ٽي ايل کي جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

احتجاج کي نظر ۾ رکندي وفاقي پوليس جي اهلڪارن ۽ جوانن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ۽ موڪل تي ويل اهلڪارن کي ڊيوٽي تي واپس پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد جي فيض آباد ۾ پوليس وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته واٽر ڪينن ۽ بڪتر بند گاڏيون به پهچايون ويون آهن.

آن کانسواءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ جي سامان سان ليس پوليس جا دستا به فيض آباد ۾ موجود آهن ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته مظاهرين کي ڪنهن به صورت ۾ فيض آباد پهچڻ نه ڏنو وڃي.

راولپنڊي ۾ اهم شهراهون بند، مارڪيٽ سيل

راولپنڊي ۾ روڊ بلاڪ ۽ ميٽرو بس سروس معطل ٿيڻ سبب آفيس ويندڙ شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته انتظاميا شهرين کي اسلام آباد جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪنهن قسم جي احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي.

احتجاج کي نظر ۾ رکندي ٽريفڪ پلان

مظاهرين کي احتجاج کان روڪڻ لاءِ راولپنڊي پوليس طرفان شهر جا مختلف رستا بلاڪ ڪري ٽريفڪ جو رخ موڙيو ويو آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم جو ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري

Read Next

حڪومت ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي: عمران خان

Most Popular