پي ڊي ايم جو ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج جاري

پي ڊي ايم طرفان ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت سڄي ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف احتجاج شروع ٿي ويو آهي.

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) طرفان مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ گير احتجاج شروع ٿي ويو آهي، مختلف شهرن ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ مظاهرن ۾ شريڪ آهن ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي.

مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله پنجاب ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڊاڪٽرن، ليبر ۽ واپارين سميت سڀني تنظمين ۽ ونگز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

شيڊيول تحت لاهور جين مندر چوڪ تان جمعي نماز کان پوءِ احتجاج شروع ٿيو، مظر ڳڙهه جي جامع مسجد شهر واري (مين سٽي) کان ريلي ڪڍي وئي، مري مال روڊ تي شاهد خاقان عباسي جي قيادت هيٺ احتجاج ٿيو، جهنگ ۾ وقار سي اين جي پمپ ايوب چوڪ تي احتجاج ٿيو.

Read Previous

مهانگائيءَ جي ٻوڏ، هلندڙ هفتي 29 شين جي اگهن ۾ واڌ

Read Next

ٽي ايل پي لانگ مارچ: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، اهم شاهراهه بلاڪ

Most Popular