بنگلاديش ۽ سريلنڪا خطري کان ٻاهر، ورلڊ ڪپ جي سپر 12 ۾ پهچي ويا

Bangladesh cricketer Mushfiqur Rahim plays a shot as Sri Lanka Board President’s XI Wicketkeeper Niroshan Dickwella (L) looks on during the one-day warm-up match between Sri Lanka Board President’s XI and Bangladesh at the P. Sara Oval International cricket stadium in Colombo on July 23, 2019. – Veteran Sri Lankan pace bowler Lasith Malinga on July 23 confirmed he will retire from one-day international cricket after the first match against Bangladesh but hopes to play T20 cricket. (Photo by ISHARA S. KODIKARA / AFP) (Photo credit should read ISHARA S. KODIKARA/AFP/Getty Images)

بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

بنگلاديش جي ٽيم پاپوانيوگني کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي ٻي ڪاميابي ماڻيندي سپر 12 مرحلي ۾ جاءِ پڪي ڪري ورتي.

ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهريان کيڏندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسون ٺاهي، جنهن جي جواب ۾ پاپوانيوگني 97 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

هوڏانهن سريلنڪن ٽيم آئرلينڊ کي 70 رنسن تان شڪست ڏئي مسلسل ٻي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ 8 ٽيمن جا ٻه گروپ آهن ۽ هر گروپ مان ٻن ٻن ٽيمن کي سپر 12 لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻو آهي.

هيل تائين گروپ اي مان سريلنڪا، جڏهن ته گروپ بي مان بنگلاديش جون ٽيمون سپر 12 تائين پهچ حاصل ڪري چڪيون آهن.

Read Previous

حڪومت ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي: عمران خان

Read Next

منشيات ڪيس ۾ اداڪارا آننيا پانڊي جي گهر تي به ڇاپو

Most Popular