ڪراچي: نسلا ٽاور ڌماڪي سان ڪيرائڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ هڪ هفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ نسلا ٽاور بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري عدالت هڪ هفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت چيو ته هڪ هفتي ۾ نسلا ٽاور کي ڪنٽرولڊ ايميونيشن بلاسٽ سان ڪيرايو وڃي ۽ ڌماڪي جي ڪري ويجهي عمارت توڙي انساني کي به نقصان نه ٿيڻ گهرجي.

عدالت حڪم ڏنو ته نسلا ٽاور جو مالڪ متاثرن کي رقم واپس ڪري ۽ ڪراچي جو ڪمشنر نسلا ٽاور جي مالڪ کان متاثرن کي رقم واپس ڪرائي.

ٻڌڻي دوران عدالت واسطيدارن اختيارين کي هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ضلعي انتظاميا طرفان عدالتي حڪم تي نسلا ٽاور جي رهائشين کي عمارت خالي ڪرڻ جي لاءِ نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي.

Read Previous

وڏي وزير کانپوءِ بلوچستان جي اسپيڪر به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Read Next

”پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي“

Most Popular