”پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي“

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اڻٽٽ آهن.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن، پاڪستان سڄي دنيا سان گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو.

واضح رهي ته عمران خان سرڪاري دوري تي سعودي عرب ۾ موجود آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا به ساڻس گڏ آهن.

ان فورم کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي نئين پاڪستان واري خيال ۽ سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي خيال 2030 ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي.

Read Previous

ڪراچي: نسلا ٽاور ڌماڪي سان ڪيرائڻ جو حڪم

Read Next

”اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن لاءِ خوشخبري، حددخليون يڪدم هٽائڻ کان معذرت“

Most Popular