وڏي وزير کانپوءِ بلوچستان جي اسپيڪر به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي استعيفيٰ کانپوءِ هاڻي بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

گذريل ڏينهن ڄام ڪمال خان بلوچستان جي وڏ وزارت واري عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جي ڪاوڙيل گروپ جي ترجمان سردار عبدالرحمٰن کيتران چيو هو ته ڄام ڪمال استعيفيٰ ڏئي پارٽي کي بچائي ورتو آهي.

سردار عبدالرحمٰن کيتران اهو به چيو هو ته بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو به استعيفيٰ ڏيندو ۽ اسان هڪ تجربيڪار وڏو وزير آڻينداسين جيڪو هر وقت عوام سان رابطي ۾ هوندو.

هاڻي ذريعا ٻڌائي رهيا آهن ته بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

Read Previous

”اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن لاءِ خوشخبري، حددخليون يڪدم هٽائڻ کان معذرت“

Read Next

ڪراچي: نسلا ٽاور ڌماڪي سان ڪيرائڻ جو حڪم

Most Popular