ڪالعدم تنظيم جو اسلام آباد ڏانهن مارچ، جهڙپن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد

ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جهڙپن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

حڪومتي ذريعن موجب ساڌوڪي ۾ پوليس ڪالعدم تنظيم جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پوءِ اهلڪار لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ احتجاج ڪندڙ پٿراءُ ڪيو.

ساڌوڪي ۾ جهڙپن دوران ڪيترائي احتجاج ڪندڙ ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته احتجاج سبب مقامي آبادي متاثر ٿي ۽ جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ معطل آهي.

6 ڏينهن کان جاري احتجاج سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پوليس مارچ کي روڪڻ لاءِ رستا بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

ڪالعدم تنظيم جي احتجاج ۾ وڌيڪ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته احتجاج دوران تشدد سان ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ به 2 اهلڪار شهيد ٿيا هئا.

هوڏانهن راولپنڊي ۾ به سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ مرڪزي شاهراهه سيل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب متبادل رستن تي ٽريفڪ سخت جام ٿي وئي آهي ۽ شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

Read Previous

گورمنٽ پرائمري مين اردو اسڪول ريتي محلا ڀرياروڊ۾ جشن ميلا دالنبي محفل پروگرام منعقد ڪيو ويو

Read Next

نواز شريف خلاف احتجاج جائز هو ته عمران خان خلاف ناجائز ڪيئن ٿي ويو؟

Most Popular