پوري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ڪشميرين سان اظهار

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)پوري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ڪشميرين سان اظهاريڪجهتي طور گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو کان بئنڊ باجن سان ايس ايس پي چوڪ لاڙڪاڻو تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ٽو) لاڙڪاڻو محمد علي گوپانگ ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو ڳالهائيندي چيو ته 27 آڪٽوبر انڊيا جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي ويئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان جيڪي به حاضرين هن ريلي ۾ شريڪ ٿيا آهيو مان اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هن ريلي جو مقصد ڪشميرين مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ زياديتن خلاف آواز اٿارڻ ۽ انهن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪرڻ آهي، ڇو ته 1948ع ۾ انڊيا پاڪستان مٿان اوچتو جنگ مسلط ڪئي پر اسان جي مجاهدن ان کي شڪست ڏني ۽ ان کانپوءِ انڊيا ان مسئلي کي يو اين او اڳيان پيش ڪيو، جتي اها قرارداد پاس ڪئي وئي ته ڪشميري عوام کي حق خود اختياري ڏنو ويندو پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اڄ ڏينهن تائين اقوام متحده پنهنجي قرارداد تي عمل نه ڪرائي سگھيو آهي ۽ ڪشميري عوام پنهنجي آزاديءَ ۽ حق خود اختياري لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ هڪ ڏينهن ضرور ايندو جو ڪشميري عوام آزادي حاصل ڪندو.

Read Previous

حاضر دماغ بس ڊرائيور ماءُ کي پُٽ سميت خودڪشي کان بچائي ورتو

Read Next

ڪالعدم تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون شروع

Most Popular