ڪالعدم تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون شروع

ڪالعدم تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ اسلام آباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون شروع ٿي ويون.

ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ حڪومت وچ ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين ۾ حڪومت طرفان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن وارو وزير نور الحق قادري شريڪ آهن، جڏهن ته ڪالعدم تنظيم جو سربراهه سعد رضوي به ڳالهين ۾ موجود آهي.

حڪومت ۽ ڪالعدم تنظيم ۾ 3 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ پهرين ترجيح سعد رضوي جي آزادي آهي.

ذريعن موجب ايجنڊا ۾ ڪالعدم تنظيم جي ڪارڪنن تي داخل ڪيسن جي واپسي ۽ پارليامينٽ ۾ فرانس خلاف ٺهراءَ جو پيش ٿيڻ به شامل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان فرانس خلاف ٺهراءَ تي معذرت ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت ڳالهيون سعد رضوي جي آزادي سان مشروط ڪرڻ تي شروع ڪيون آهن.

ذريعن موجب حڪومتي شرطن ۾ چيو ويو آهي ته جن ڪارڪنن تي دهشتگردي ڪيس آهن، انهن بابت فيصلو عدالتون ڪنديون ۽ سعد رضوي جي آزادي کان اڳ ڪارڪنن کي جي ٽي روڊ سميت مک شاهراهن تان هٽڻو پوندو.

Read Previous

پوري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ڪشميرين سان اظهار

Read Next

وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل جا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular