حاضر دماغ بس ڊرائيور ماءُ کي پُٽ سميت خودڪشي کان بچائي ورتو

چين ۾ هڪ بس جي ڊرائيور حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي ماءُ کي پُٽ سميت خودڪشي ڪرڻ کان روڪي ورتو.

چيني ميڊيا موجب واقعو چين جي صوبي گوانگ دونگ جي شهر گوانگ زو ۾ پيش آيو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ بس ڊرائيور اوچتو بس روڪي سيٽ بيلٽ کولي هيٺ ڀڄي ٿو ۽ پُل تان هيٺ ٽپو ڏيندڙ عورت کي پڪڙي وٺي ٿو.

عورت پنهنجي معصوم ٻار کي جهولي ۾ به کڻي ڇڏيو هو ۽ هوءَ هيٺ ٽپو ڏيڻ تي ئي هئي ته بس ڊرائيور پهچي ويو ۽ انکي پڪڙي ورتو.

جنهن کانپوءِ بس مان ٻيا مسافر به لهي آيا ۽ هنن سڀ کان اڳ ۾ عورت کان ٻار کي الڳ ڪيو ۽ پوءِ زبردستي عورت کي به بس ۾ مٿي سوار ڪرايو.

Read Previous

شلپا شيٽي اڌ ٺوڙهي ڇو ٿي؟

Read Next

پوري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ڪشميرين سان اظهار

Most Popular