عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو

بلوچستان عوامي پارٽي جو اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.

بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر سردار موسيٰ خيل جي سربراهي ۾ ٿيندڙ صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي وڏو وزير چونڊجي ويو. مير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو 18 وڏو وزير چونڊيو آهي.

سردار موسيٰ خيل ٻڌايو عبدالقدوس بزنجو کي بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ 39 ميمبرن ووٽ ڏنا.

وڏي وزير چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام، بي اين پي مينگل ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي حصو نه ورتو.

آزاد ميمبر نواب اسلم خان رئيساڻي به وڏي وزير جي چونڊن جي عمل ۾ حصو نه ورتو جڏهن ته اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال خان به نئين وڏي وزير چونڊ وقت ايوان ۾ موجود نه هو.

ٻئي پاسي گورنر هائوس جي ترجمان موجب بلوچستان جي وڏي وزير جي حلف برداري واري سادي پر پروقار تقريب اڄ شام گورنر هائوس ۾ ڪوٺائي ويندي.

گورنر هائوس جي پڌرائي موجب عبدالقدوس بزنجو وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻندو، گورنر بلوچستان سيد ظهور آغا قدوس بزنجو کان حلف وٺندو.

Read Previous

ڪراچي: تجوري هائيٽس ڪيرائڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت

Read Next

گجرانوالا ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو ڌرڻو، ڏڦيڙن واري صورتحال

Most Popular